جعفري، علي مظهر

جعفري، علي مظهر: سيد علي مظهر ولد ڊاڪٽر سيد علي عبدالله جعفري 6 فيبروري 1916ع تي آگري، ڀارت ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم اتر پرديش جي انگلش ڪنويننٽ اسڪول ماسوري هل اسٽيشن مان حاصل ڪرڻ بعد، مئٽرڪ 1932ع ۾ هاءِ اسڪول آگري ۽ گريجوئيشن 1938ع ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان ڪئي. ڪاليج وارن ڏينهن ۾کاٻي ڌر واري تحريڪ جي اثر هيٺ رهيو ۽ هن کاٻي ڌر جي نامياري سياسي اڳواڻ سيد علي جعفريءَ سان گڏجي ڪم ڪيو. سياسي سرگرمين ۽ ذاتي مصروفيتن سبب 5، 6 سالن جي وقفي کانپوءِ ’آگرا لا ڪاليج‘ ۾ داخل ٿيو. آڪٽوبر 1947ع ۾ پيءُ جي دٻاءَ سبب پاڪستان آيو پنهنجي خاندان سان لاهور ۾ رهائش اختيار ڪيائين، پر هن کي ڄاڻي واڻي ڪنهن ٻي جڳهه تي موڪليو ويو. ان بعد هيءُ هري پور هزارا ويو، جتي هاءِ اسڪول ۾ انگريزي جو استاد ٿي پڙهائڻ لڳو. ڪجهه عرصي کانپوءِ هن کي خبر پئي ته علي ڳڙهه ڪاليج جو سندس هم ڪلاسي رفيع عالم صديقي سنڌ جي خيرپور رياست ۾ استاد آهي. ان ڪري هن پنهنجي نوڪريءَ تان استعيفا ڏني ۽ مستقل طور خيرپور رياست ۾ اچي رهيو. بعد ۾ فيض هاءِ اسڪول ڪوٽڏيجي ۽ ناز هاءِ اسڪول خيرپور ۾ استاد رهيو. ان زماني ۾ کاٻي ڌُر واري ايجنڊا رکندڙ سياسي جماعتن تي خيرپور رياست ۾ ڪم ڪرڻ تي پابندي هئي، جنهنڪري هن پنهنجي نوڪريءَ تان استعيفا ڏيئي بي. اي مراد نالي ميڊيڪل اسٽور کوليو ۽ اتي هن نواب شاهه جي نامور وڪيل ۽ قومي اڳواڻ قاضي فيض محمد، سائين جي. ايم. سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ ۽ ٻين شخصيتن سان تعلقات وڌايا. هيءُ هميشه بي زمين هارين ۽ ننڍن صنعتن ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندو رهيو. عوامي ليگ ۽ آخر ۾ نيشنل عوامي پارٽيءَ سان سلهاڙيل رهيو. ايوب خان ۽ يحيٰ واري مارشل لا جي دؤر ن ۾ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي مُنهن ڏنائين. هن سکر ۾ لا ڪاليج جو بنياد وڌو ۽ 1957ع ڌاري اتي پڙهي وڪيل ٿيو. هن جيئي سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن توڙي پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي شاگردن جي مفت قانوني مدد ڪئي. هندستان مان هجرت ڪري اچڻ جي باوجود هن هميشه سنڌي سڏائڻ تي فخر ڪيو. هڪ دفعي ڪنهن سياسي معاملي تي سنڌ جي ناليواري شاعر ۽ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي مخاطب ٿيندي چيائين ته توهان ان ڪري سنڌي آهيو جو توهان جو هن ڌرتيءَ تي جنم ٿيو آهي، جڏهن ته مون سنڌيت کي پنهنجي پاڻ لاءِ خود منتخب ڪيو آهي. جنهن ڳالهه جو ذڪر خود ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ هفته وار رسالي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ پڻ ڪيو هو. سيد علي مظهري، قاضي فيض محمد سان گڏ ’ون يونٽ‘ خلاف عوام ۾ سجاڳيءَ جي مهم هلائي، جنهنڪري هن کي گرفتارين ۽ نظربنديءَ جهڙن اذيتن کي منهن ڏيڻو پيو. قاضي فيض محمد هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ’سيد مظهر علي سنڌ ڌرتيءَ سان پنهنجي ماءُ وانگر پيار ڪندو هو.‘ زندگيءَ ۾ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ سبب سندس صحت خراب ٿيڻ لڳي ۽ 24 سيپٽمبر 1981ع تي وفات ڪيائين. هن کي جادي شاهه قبرستان خيرپور ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو